چي گويرا جي ڊائري

چي گويرا جي ڊائري

چي گويرا جي ڊائري

چي گويرا جي ڊائري (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڪيوبا جي عظيم انقلابي اڳواڻ چي گويرا جي بوليويا جي ٻيلن ۾ ويڙهه دوران گذريل پل پل جي يادگيرين تي مشتمل آهي، جنهن کي يوسف سنڌيءَ، سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو آهي. ڪتاب ۾ چي گويرا ڪيوبا جي آزاديءَ لاءِ گوريلا ويڙهه دوران پاڻ تي گذريل حالتن کي چٽيو ويو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي عظيم انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا لکي ٿو ته: ”هي نوٽ چي واندڪائيءَ جي انهن مُلهائتين گهڙين ۾ لکيا آهن، جيڪي گوريلا اڳواڻ جي حيثيت سان، سورهيائيءَ واري جسماني پورهيي دوران ڪڏهن ڪڏهن کيس ملنديون هيون. سهپ کان ٻاهر مادي مصيبتن ۾ به هن جي طبيعت جو جوهر ٽڙندڙ هو ۽ هن جو پختو عزم ۽ انفرادي طريقه ڪار پوري طرح پڌرو ٿيندو هو.“ ڊائريءَ ۾ روزمره جي واقعن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1988ع ۾ ڇپايو. جڏهن ته ٻيو ڇاپو گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2004ع ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي. 199 صفحن تي ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو